پوراني ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي

پوراني، ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي: ميرڪ سيد محمد احسن وڏي علمي گهراڻي جو بزرگ هو، جنهنڪري منجھس موروثي علمي فضيلتون موجود هيون. جنهن زماني ۾ نادر شاهه دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ سنڌو نديءَ وارن علائقن کي دهليءَ کان ڌار ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو، ان وقت ميرڪ محمد احسن داغستان وڃي نادر شاهه سان ملاقات ڪئيِ. ٺٽي جي شيخ الاسلام جو عهدو ختم ڪرائي ان جو پروانو پنهنجي نالي جاري ڪرائي ٺٽي پهتو. سيد محمد احسن 1167 هه/ 1753ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو